ڄام مدد علي (سياستدان)

ڄام مدد علي (سياستدان)

ڄام مدد علي (سياستدان)

ڄام مدد علي: مشهور سياستدان ڄام مدد علي ولد ڄام انور علي خان، 14 ڊسمبر 1962ع تي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. هي بنيادي طور زميندار آهي. سندس خاندان سانگهڙ ضلعي جو اهم سياسي گهراڻو آهي. هيءُ پهريان 1993ع کان 1996ع دوران صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، 2002ع ۾ ٻيهر چونڊ کٽي، ايم. پي. اي ٿيو. پنهنجي حلقي ۾ ڪيترا سماجي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايائين. 2004ع کان 2007ع تائين هيءُ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. سندس تعلق مسلم ليگ فنڪشنل سان رهيو آهي. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ هن پي. ايس. 81 (سانگهڙ- ڪم ميرپورخاص) تڪ تان چونڊ کٽي. ٽن سالن تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ جي حيثيت سان مختلف قومي مسئلن تي ڀرپور موقف رکندي سرگرم رهيو. بعد ۾ فنڪشنل ليگ پاران حڪومت سان مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪرڻ بعد هن مخالف ڌر جي اڳواڻ واري ذميواري تان استعيفيٰ ڏني ۽ ڪابينا جو حصو بڻيو.ڄام مدد علي آخر ۾ پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد 13 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ڄام نواز علي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.14  عيسوي

مشهور سياستدان ڄام مدد علي ولد ڄام انور علي خان، 14 ڊسمبر 1962ع تي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. هي بنيادي طور زميندار آهي. سندس خاندان سانگهڙ ضلعي جو اهم سياسي گهراڻو آهي.


2020.11.13  عيسوي

ڄام مدد علي 13 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ڄان نواز علي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سردار احمد شاهه لڪياري
سيد مير علي سنڌي
سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي
صلاح الدين تنيو
حميد شيخ
صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر
عزيز مصر
ٽلومل آڏواڻي
پرهياڙ محمد صديق
ڏيون داس صوفي فقير مسڪين داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون